نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن، ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، عالمي اڳواڻن کي ٻو?? جي تباهين ۽ پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪري رهيو آهيان. وزيرا??ظم جيڪو هنو قت گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ ۾ آهي، هن ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين بابت پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن گذريل رات آن لائين اجلاس ۾ ٻو?? جي صورتحال جو جائزو ورتو آهي، ٻوڏ سان سڄي پاڪستان ۾ تباهي ٿي آهي، صوبائي حڪومت، انتظاميا، سرڪاري افيسرن ۽ پاڪ ٻوڏ کانپوءِ جيڪي ڪوششون ۽ ڪارروايون ڪيون آهن، عوام جي نظر ۾ انهن جي عزت آهي ۽ الله تعاليٰ ان محنت جو صلو عطا فرمائيندو. وزيرا??ظم چيو ته کيس اجلاس ۾ خبر پئي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو درپيش آهي. وزيرا??ظم پاڪستان جي سرنديءَ وارن ادارن خاص طور ت?? ٻارن جي خوراڪ تيار ڪندڙ مقامي ڪمپنين (فوڊ مينوفيڪچررز) کي اپيل ڪئي ته اهي متاثر علائقن ۾ ٻارن جي خوراڪ عطيو ڪن ۽ اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ پاڪ فوج جي ذريعي لکين ٻارن تائين اها خوراڪ پهچائين. وزيرا??ظم دين ۽ دنيا جي ڀلائي لاءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ عطيا ڏيندڙ ماڻهن ۽ ادارن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته متاثرين خاص طور ت?? ٻارڙا ۽ انهن جا والدين عطيو ڏيندڙن جي لاءِ دعائون ڪندا ۽ اهو الله تعاليٰ جي رضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو هوندو. وزيرا??ظم چيو ته هن وقت پاڪستان پنهنجي تاريخ جي مشڪل ترين وقت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ جون تباهيون پوري دنيا آڏو آهن. وزيرا??ظم چيو ته هن دوري دوران عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ انهن کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان جي مالي ۽ معاشي مشڪلاتن کان آگاهه ڪيو آهي. وزيرا??ظم چيو ته اسان کي الله تعاليٰ آڏو دعا ڪرڻ گهرجي ته اسان جي محنت ۾ برڪت وجهي، اسان جي مسئلن جو خاتمو ڪري، پاڪستان کي هڪ عظيم خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائي ۽ اسان جون مصيبتون ختم فرمائي.