اسلام آباد-05 سيپٽمبر (اي پي پي) هوائي فوج جون سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن ??اء?? امدادي ڪارروايون ۽ رليف آپريشن جاري آهي. ايئر هيڊ ڪوارٽرز، اسلام آباد ۾ ڪيل نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر (اين آءِ آءِ اي او سي) سمورن ڌُرين سان م??مل هم آهنگيءَ سان گڏوگڏ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحاليءَ جي عمل ۾ م??اونت ڪري رهيو آهي. ڄاڻايل سينٽر متاثرن جي بحاليءَ ??اء?? سول انتظاميه کي هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هوائي فوج جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ڄاڻايل علائقن ۾ م??اثر ماڻهن کي امدادي ڪ??ن ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ م??روف آهن. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ امداد جي فراهميءَ ??اء?? ”پاڪستان ايئرفورس فلڊ رليف فنڊ“ به قائم ڪيو آهي. ٻوڏ متاثرن ??اء?? عطيا الائيڊ بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK85ABPA0010099183680023، عسڪري بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK96ASCM0003851650000097، بئنڪ اسلامي جي اڪائونٽ نمبر K38BKIP0310000096360001، جڏهن ته حبيب بئنڪ جي اڪائونٽ نمبر PK09HABB0022997001211801 ۾ جمع ڪرائي سگهجن ٿا.