سوات-30 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چ??و آهي ته ٻوڏ سبب سڀ کا?? وڏو مسئلو بلوچستان ۾ آهي جتي ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي چڪا آهن، سنڌ ۾ 4-4 فٽ پاڻي بيٺل ??هي?? خيمن جي وڌيڪ ضرورت ??هي?? پرڏيهي ملڪن مان ٽينٽ گُهرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، فوج طرفان به خيما فراهم ڪيا پيا وڃن، اين سي او سي جي طرز تي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو آهي جتي امداد جي ڊيٽا گڏ ٿيندي. 2010ع جي ٻوڏ دوران به هتي اهڙي ئي تباهي آئ?? ۽ انهن ئي جاين تي تعميرات ڪرڻ جي اجازت ڏئي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو، ذميدارن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. هو سوات جي دؤري جي موقعي تي متاثرن ۽ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن سان ڳالهائي رهيو هو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪانجو، سوات جي دؤرن جي موقعي تي ڪالام کان هيليڪاپٽرز ذريعي منتقل ڪيل متاثرن سان ملاقات ڪئي. ڪانجو ڪينٽ ايندڙ متاثرن ۾ سياحن جون فيميليز پڻ شامل هيون. آرمي چيف ڪانجو ڪينٽ هيلي پيڊ تي ميڊيا جي نمائندن سان مختصر ڳالهه ٻولهه ڪئي. پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته ٻوڏ جي شديد نقصانن جي اسسمينٽ اڃا ٿيڻ باقي ??هي?? ٻوڏ سا?? وڏي پيماني تي ٿيندڙ نقصانن جي اسسمينٽ لاءِ سروي ضلعي انتظاميه، صوبائي حڪومتون ۽ فوج گڏجي ڪري ڪنديون. هن چيو ڪالام ۾ تمام وڏو نقصان ٿيو ??هي?? پل ۽ـ هوٽل وڌيڪ تباهه ٿيا آهن. جنرل قمر جاويد باجوا چ??و ته 2010ع جي ٻوڏ ۾ به هتي اهڙي ئي تباهي ٿي ۽ ٻيهر انهن جاين تي تعميرات ڪرڻ جي اجازت ڏئي غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو، ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي هئڻ گهرجي. هن چيو ته هن وقت سڀ کان ضروري ڪالام روڊ کولڻ ??هي?? اميد آهي 6 کان 7 ڏينهن ۾ روڊ کوليو ويندو، ڪالام ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ??ڍيو پيو وڃي، ڪالام ۾ هاڻ تائين بحران جي صورتحال ناهي. هن وقت مختلف فلاحي ادارن سياسي جماعتن ۽ پاڪستان جي فوج پنهنجا رليف سينٽر کوليا آهن، اين سي او سي جي طرز تي هيڊ ڪوارٽر بڻايو ويو آهي جتي امداد جي ڊيٽا گڏ ٿيندي، هيڊ ڪوارٽر مان رٿابندي ۽ سڌارن واري وزارت جتي چاهيندي اتي امداد پهچائي ويندي. جنرل قمر جاويد باجوا چ??و ته ماڻهن جو ريسپانس سٺو اچي رهيو ??هي?? ڪيترائي ٽن راشن گڏ ٿي رهيو ??هي?? خيمن جو مسئلو ٿيندو، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ خيمن جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته يو اي اي، ترڪي ۽ چين کان امدادي سامان جون اُڏامون اچڻ شروع ٿي ويون آهن. سعودي عرب ۽ قطر کان پڻ اُڏامون اچڻ شروع ٿي وينديون. دوست ملڪن پاڪستان کي مصيبت ۾ ڪڏهن به اڪيلو ناهي ڇڏيو، انشاءَ الله آئ??نده به اڪيلو نه ڇڏيندا. هن چيو ته پاڪستانين خاص ڪري پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو ريسپانس تمام سٺو ??هي?? اسان کي متاثرن کي ??هر اُڏائي ڏيڻا پوندا، اسان انشاءَ الله متاثرن کي پري فيب گهر بڻائي ڏينداسين، هتي ايڏو مسئلو ناهي.