سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪ??و، ريليف ڪئمپ ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه، سنڌ جي وڏي وزير سان گڏ ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي عملدارن وزيراعظم کي متاثرين جي بحالي جي ڪمن ??ي بريفنگ ڏني. سکر ۾ بريفنگ دوران وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري شهرن جو رابطو ڪ??جي ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي ه?? ممڪن مدد ڪئي پئي وڃي، ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جي ڪري مواصلاتي رابطو ڪ??جي ويو آهي، شهر ۽ ڳوٺن جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، تباهه ٿ??ل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن، ٻوڏ س??ب لائيو اسٽاڪ ۽ فصلن کي پڻ نقصان پهتو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 43 فلڊ ريليف ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن، فلڊ ريليف ڪئمپن ۾ متاثرين کي دوائون ۽ کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي واري وزير کي سنڌ ۾ رهڻ جي ه??ايت ڪئي. بعد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان ملاقات پڻ ڪئي.