حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار ??ي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد فواد غفار ??ومرو ۽ ايڊيشنل ڪم??نر ون حيدرآباد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ حيدرآباد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پڄاڻي تي پهتي. واڪ جي پڄاڻي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد فواد غفار ??ومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ??ار?? پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ڀائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ??ار?? جو مڪروهه چهرو ب?? نقاب ٿي چڪو آهي ته هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي جيڪو بيگناهه ڪشميري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ??ار?? جي اهڙي ناروا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد فواد غفار ??ومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين کي ??ار?? جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ملندو، اسان بحيثيت پاڪستاني پنهن??ي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪم??نر حيدرآباد قائم اڪبر نمائي، اسسٽنٽ ڪم??نر هيڊڪوارٽر ڪم??نر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي تنظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائين، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي باني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد فهيم الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي بخش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي تنظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، اسڪائوٽس، استادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.