حيدرآباد – 01 – آ??سٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آ??سٽ تي ڀ??رت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ??ها??و ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪ??هتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ملڪ جي ??ين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي 5 آ??سٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀ??رت جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.