رشڪئي – 15 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف چيو آهي ته خصوصي اقتصا??ي زونز جو خاص طور ننڍن صوبن ۾ قيام خوش آئنده آ??ي، خصوصي اقتصا??ي زونز کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي، انهن کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو، ايندڙ دور پاڪستان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي ۾ خصوصي اقتصا??ي زونز جي دوري دوران اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي ??زي?? احسن اقبال، اسعد محمود کانسواءِ چيني ڪمپنين جا نمائندا به موجود هئا، ??زي??اعظم چيو ته اهو ان جو ??زي??اعظم طور ڪنهن به خصوصي اقتصا??ي زون جو پهريون دورو آهي، هن بلوچستان ۽ خيبرپختونوا سميت آبادي جي لحاظ ??ان ننڍن صوبن ۾ خصوصي اقتصا??ي زونز جي قيام کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته ان زونز جي قيام سان صنعتي سيڙپڪاري، روزگار جي فراهمي، پيداوار جي ترقي ۽ اوڳاڙين ۾ اضافو ممڪن ٿيندو، ??زي??اعظم چيو ته انهن صوبن جي ڪري ايندڙ وقت اسان لاءِ خوشحالي کڻي ايندو. هن چيو ته بيجنگ جوائنٽ ڪميشن جي اجلاس ۾ 9 خصوصي اقتصا??ي زونز جي منظوري ڏني وئي، پر بعد ۾ حالتون بدلجي ويون، هن چيو ته ??ين ۾ ليبر مهانگو ۽ پاڪستان ۾ سستي آهي، هتي هنرمند ۽ نيم هنرمند افرادي قوت دستياب آهي، پاڪستان چيني ٽيڪنالاجي ۽ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪندو آهي، چيني ڪمپنين مختلف منصوبن تي بهترين ڪم ڪيو آهي، اسان جو عزم آهي ته سي پيڪ تحت خصوصي اقتصا??ي زونز جي تعمير مقرر وقت تي ڪئي وڃي، هن چين جي دوستي کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين ماضي ۾ هڪٻئي جو ساٿ نڀايو آهي، ??زي??اعظم چيو ته ان کي هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، خصوصي اقتصا??ي زونز کي سيڙپڪاري جي حوالي سان رول ماڊل ٺاهيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ ۽ مسئلا آهن ته انهن کي گڏجي ختم ڪيو ويندو. هن پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ حصيداري تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جون ڪمپنيون هڪٻئي مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿيون.