اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعو??ي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي اڄ 28 اپريل کان 30 اپريل 2022ع تائين سعو??ي عرب جو دورو ڪندو، دوري دوران وزيراعظم جو سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، سعو??ي عرب ۾، پاڪستاني افرادق قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيلن موجب هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم جو اهو پهريون ٻاهرين ملڪ جو دورو هوندو. دوري ۾ ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. ان دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان ٻطرفي ملاقات ڪندو ۽ خاص طور تي ٻطرفي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ سعو??ي عرب ۾، پاڪستاني افرادي قوت لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان ۽ سعو??ي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل اعتماد، افهام ۽ تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ جي مستقل روايت تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام، خادم حرمين شريفين کي انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ويجهي گڏيل تعاون، ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام جو مظهر آهي. سعو??ي عرب ڄمون ۽ ڪسمير تي او آءِ سي رابطا گروپ جو ميمبر آهي، سعو??ي عرب ۾ رهندڙ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جو تسلسل، ٻطرفي لاڳاپن جي خصوصي نوعيت کي ظاهر ڪري ٿو، وزيراعظم جي سعو??ي عرب جي دوري سان مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ مدد ملندي.