اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ٽي اسٽوجز پاڪستان جي خلاف سازش ۾ مليل آه?? جيڪي پاڪستان ۽ ان ??ي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، قومي سلامتي جي پڌرنامي ان سازش جو اعتراف ڪيو آه??، وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙن کي ناڪامي ٿيندي، نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهر موڪلڻ منهن??ي اڪيلي جو فيصلو نه هو جڏهن ته ان ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو، ملڪ کي 35 سال ڦريندڙ ۽ لائيف سپورٽ مشين تي وجهندڙ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آه??، جن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر آه?? اهي ڪڏهن ملڪ کي آزاد ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب کي شريفن جي هٿن ۾ ڏيڻ کان بهتر آه?? ته پرويز الاهي وڏو وزير بڻجي وڃي، منهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي هدايت آه?? ته ڪا به ٽوڙ ڦوڙ نه ڪن ۽ پرامن رهن. هن چيو ته فوج کي وچ ۾ ڌڪيلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي منهنجو انهن سڀني کي چوڻ آه?? ته فوج نيوٽرل آه??، ان کي وچ ۾ نه ڌڪيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي علاج جي لاءِ ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو هڪ تمام وڏي غلطي هئي، ان معاملي ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن عدليه جي ججن کي بليڪ ميل ڪيو ۽ هاڻي به اهڙي طرح جا حربا تيار ڪرڻ جو سوچي رهيا آه??، قوم انهن جي ڪردار کي ڄاڻي چڪي آه??. هن چيو ته ڪنهن خودمختار ملڪ کي ڪنهن ٻئي ملڪ پاران ڌمڪي ملڻ هڪ ذلت هئي جنهن جي پٺيان لنڊن ۾ ويٺل مافيا آه??. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان ڪو خطرو نه آه?? هارائيندو اهو آه?? جنهن سان گڏ عوام نه هجي، عوام مون سان گڏ ڄمي بيٺل آه??. هن چيو ته جيڪي ملڪ روس کان تيل خريد ڪندا رهيا ۽ هاڻي به خريد ڪري رهيا آه?? اهي اسان کي مشورو ڏئي رهيا آه?? ته وزيراعظم کي روس نه وڃڻ گهرجي ها ۽ مخالف ڌر به انهن جي ئي زبان ڳالهائي رهي آه??. وزيراعظم عمران خان چيو ته دوستي سڀني سان ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي غلامتي نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ملڪي سلامتي جي خلاف ٿيندڙ ان سازش جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن جي لاءِ اسان قانوني مشاورت شروع ڪري ڇڏي آه??. وزيراعظم چيو ته فالودي ۽ پاپڙي واري ۽ چپڙاسين جي نالي تي جعلي اڪائونٽ ٺاهيندڙن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ملڪي مفاد جي ڪا پرواهه نه آه??. هن چيو ته (ن) ليگ خانداني سياست ڪري رهي آه??، حمزه شهباز کانسواءِ وڏي وزير جي عهدي جي لاءِ ڪو اهل نه آه??. هن چيو ته چئلينج ڪريان ٿو ته (ن) ليگ پنجاب ۾ ضمني يا ڪا ٻي اليڪشن کٽي ڏيکاري.