اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هٿياربند فوج ملڪ جي دفاع جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي، پاڪستان ڏانهن جنهن ميري اک سان ڏٺو ته ا?? کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو، چيني ساخته جديد جنگي جهاز خطي ۾ سيڪيورٽي عدم تواز?? کي ختم ڪرڻ لاءِ ??سا?? جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو آهي، جيئن جيئن آمدني وڌندي غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، معيشت مضبوط ٿي رهي آهي، ملڪ جو رخ درست آهي، نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا آهيون، ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻه?? کي واپس آڻي انهن جي خدمتن مان فائدو کڻنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ فضائيه ۾ جديد ترين جنگي جهازن جي 10 سي جي شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي،اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين،دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل، بري فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، پاڪ بحريه جو سربراهه امجد نيازي ۽ پاڪ فضائيه جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته تقريبن 40 سال اڳ پاڪ فضائيه ۾ ايف – 16 جنگي جهاز جڏهن شامل ڪيا ويا هئا ته ملڪ ۾ خوشي ڇائنجي وئي هئي ته ??سا?? جديد جهازن ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهون ٿا، هاڻي جي ٽين سي جنگي جهازن جي شموليت تي سڄي قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، بدقسمتي سان ننڍي کنڊ ۾ عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان سيڪيورٽي عدم تواز?? کي ختم ڪرڻ لاءِ ??سا?? جي دفاعي نظام ۾ هڪ تمام وڏو اضافو ٿيو آهي، چين جو خاص طور تي ٿورو ادا ڪريان ٿو ته ان 8 مهينن جي رڪارڊ مدي ۾ اهي جنگي جهاز ??سا?? کي فراهم ڪيا آهن، وزيراعظم چيو ته ??سا?? جي هٿياربند فوج ۾ هڪ جديد سوچ اچي چڪي آهي، مستقبل جي وار فيئر ۾ ٽيڪنالاجي تي خاص طور تي زور ڏنو ويندو. ملڪي ٽيڪنالاجي کي فروغ ڏئي ڪري ??سا?? پنهنجي ملڪ کي ترقي ڏئي سگهون ٿا، ان جي لاءِ ??سا?? ٽيڪنالاجي زون قائم ڪيو آهي، هڪ يونيورسٽي به ٺاهي رهيا آهيون، جتي جديد ٽيڪنالاجي جي سهولت هوندي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت آهي ته هر شعبي ۾ باصلاحيت ماڻهو موجود آهن، پر ان مان ڪيترائي اڃان ملڪ کان ٻاهر آهن، جيئن جيئن معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي، ??سا?? جو رخ درست ٿي رهيو آهي، ??سا?? نظام کي ٺيڪ ڪري رهيا اهيون، انشاءُ الله اهو سڄو ٽئلينٽ به ??سا?? کي دستياب ٿيندو، ??سا?? ملڪ ۾ هر قسم جو معياري ادارو ٺاهي سگهون ٿا، جيئن جيئن ملڪ ترقي ڪندو ??سا?? ٻاهر ويٺل پنهنجي باصلاحيت ماڻه?? کي واپس آڻي سگهنداسين، وزيراعظم چيو ته قوم پاران پنهنجي هٿياربند فوج کي پيغام آهي ته ??سا?? کي پنهنجي هٿياربند فوج تي پورو اعتماد آهي ته هو ملڪ جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جيڪڏهن ڪو به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندو ته ا?? کي پتو هجڻ گهرجي ته ا?? کي تمام گهڻو نقصان کڻڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته پلواما کانپوءِ جڏهن بالاڪوٽ تي حملو ٿيو ان کانپوءِ پاڪستان جهڙي طرح جو رد عمل ڏيکاريو ان سان سڄي دنيا کي اهو پيغام ملي ويو ته ??سا?? پنهنجي حفاظت ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکون ٿا، جڏهن قوم هٿياربند فوج جي پويان بيهي ته ان جي طاقت بڻجندي آهي جڏهن قوم ۽ هٿياربند فوج جي سوچ هڪ هجي ته پوءِ اها مضبوط ٿيندي آهي، وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف ??سا?? تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ هڪ مشڪل جنگ وڙهي آهي، عراق ۽ شام جا مثال ??سا?? جي سامهون آهن ته اتي ڇا ٿيو، ملڪ تباهه ٿي ويندا آهن، پرا سان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جهڙي طرح حالت?? کي منهن ڏنو دنيا کي ان مان خبر پئجي وئي آهي ته پاڪستان پنهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿو، جنگي جهازن جي فضائي مظاهري سان مو?? کي يقين ٿي ويو آهي ته ڪو به ??سا?? جي مٿان ڪنهن به قسم جو ڪو به دٻاءُ نٿو وجهي سگهي، آزاد ملڪ صرف ان صورت ۾ آزاد ۽ خوددار رهي سگهي ٿو جڏهن هو پنهنجي حفاظت ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ رڪارڊ ٽيڪس وصولي ٿي آهي، جهڙي طرح ??سا?? جي ٽيڪس وصولي ۽ ??وا??گي واپار وڌي رهيو آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ آمدني وڌي رهي آهي جيئن جيئن ??سا?? جي آمدني وڌندي ته ??سا?? ٻن معاملن تي وڌيڪ خرچ ڪنداسين، ??سا?? جي پهرين ترجيح ملڪ ۾ غربت گهٽ ڪرڻ آهي ۽ غريب طبقي تي خرچ ڪرڻ آهي، ترقي يافته ملڪ ۾ به يونيورسل هيلٿ ڪوريج ناهي ڏني ويندي، ??سا?? 10 لک روپين جي هيلٿ انشورنس ڏئي رهيا آهيون، احساس پروگرام شروع ڪيو آهي، جيئن جيئن آمدني وڌندي دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين، اصل طاقت اها هوندي آهي ته جنگ وڙهڻي ئي نه پوي ۽ دشم?? کي خبر هجي ته ان وٽ پنهنجي تياري آهي ته جيڪڏهن هو جارحيت ڪندو ته ا?? کي تمام وڏو نقصان ٿيندو، غربت ۾ گهٽتائي ۽ دفاع کي مضبوط بڻائڻ ??سا?? جي بجيٽ ترجيحن ۾ شامل هوندو، تقريب کي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به خطاب ڪيو. ان کان اڳ منهاس ايئر بيس ڪامره اچڻ تي پاڪ فضائيه جي سربراهه وزيراعظم عمران خان ۽ وفاقي وزيرن جي آجيان ڪئي، وزيراعظم گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو، پاڪ فضائيه جي دستي کيس سلامي پيش ڪئي، بعد ۾ وزيراعظم جي ٽين سي جنگي جهازن جو معائنو به ڪيو ۽ انهن جهازن ۾ استعمال ٿيندڙ ٽيڪنالاجي ۽ ان جي خصوصيتن جي حوالي سان معلومات حاصل ڪئي.