اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحت جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي، صحت ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪ??و ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪ??و ويو ته نئون پاڪستان قومي صحت ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي، حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدارڪ جي لاء?? پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي بهتري لاءِ پيدائش کانپوءِ ويڪسي نيشن جي مڪمل ٿيڻ تائين ٻارن جي صحت جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ??ين??ي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ حڪومت عالمي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ق??من جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪسي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي وئي آهي جنهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪسي نيشن جي شرح جي حوالي سان پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صحت جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.