اسلام آباد – 02 فيبروري (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان متحده ع??ب امارات تي حوثين جي ميزائل حملي جي مذمت ڪندي ان کي خطي جي امن ۽ سلامتي ل??ءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده ع??ب امارات جي هٿياربند فوج جي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد النيهان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ حوثي باغين پاران 30 جنوري تي متحده ع??ب امارات تي ميزائل حملي جي سخت مذمت ڪئي. هن متحده ع??ب امارات اپران وقت سر ۽ موثر فضائي دفاع سان قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائڻ جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم متحده ع??ب امارات جي قيادت، عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم تازن حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي انهن کي خطي جي امن ۽ سلامتي ل??ءِ خطرو قرار ڏنو. وزيراعظم عمران خان ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي علائقائي امن ۽ سلامتي جي فروغ ۽ تحفظ ل??ءِ ڪوششن جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اعليٰ سطح تي ويجهي ۽ باقاعده مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.