اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پورهيتن ۽ مستحق ماڻهن جي ??اءِ قائم پناهگاهن ۾ معياري خوراڪ ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پناهگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن، معاشري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ??ابل بڻائڻ جي ??اءِ ان پناهگاهن جي رهواسين کي هنرمندي جي تربيت به فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان گهڻ ماڙ پناهگاهن جي ??نصوبن جي ??قاب ڪشائي جي ??وقعي تي خطاب ڪندي لاڳاپيل کاتن جي اجتماعي ڪوششن کي ساراهيندي اهڙي طرح جي ??اڊل ٺاهڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم وزيراعظم احساس ٽيم سي ڊي اي، اي?? سي اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي نئين ماڊل پناهگاهن جي ??يام تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن، ان کان اڳ وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي پناهگاهن جي ??ئين اسٽريٽجڪ پلان سميت تعميرات، فرنشنگ، گورننس، ڊجيٽل مانيٽرنگ، صلاحيت ۽ فنانسنگ بابت بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٻڌايو ته پورهيتن جي ??اءِ بسترن، ناشتي ۽ کاڌي جي سهولتن کانسواءِ انهن پناهگاهن ۾ احساس ون ونڊو مرڪز به هوندا ته جيئن پورهيت ۽ ڪمزور طبقي کي حڪومت جي سماجي ڀلائي جي ??روگرامن مان مستفيد ٿيڻ جي ??ابل بڻائي سگهجي، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته سي ڊي اي ڪابينا جي ??نظوري کانپوءِ ان مقصد جي ??اءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن کي رعايتي اگهن تي زمين ڏني آهي. ان جي تعاون سان پناهگاهن جو نئون ماڊل ڊزائين ڪيو ويو آهي، ان وق??ي تي پنڊال ۾ ان ماڊل پناهگاهن ۾ استعمال ٿيندڙ فرنيچر ۽ لڳايل سامان جا نمونا به رکيا وي??، ان کان اڳ وزيراعظم پناهگاهن جي ??ئين ماڊل جي تختي جي ??قاب ڪشائي ڪئي، ماڊل پناهگاه ۽ فرنيچر جي ڍانچي کي نئين سر ڊزائين ڪرڻ لاءِ احساس نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور سان حصيداري ڪئي آهي، پناهگاهن جي ??ئين ڊزائين ۾ وڏو ڪچن، ڪولڊ اسٽوريج، استقباليه لابي، انتظار گاهه ۽ ضرورتمندن کي خوراڪ ۽ رهائش فراهم ڪرڻ جي بهتر صلاحيت هوندي، پناهگاهن مان فائدو وٺندڙن کي بهترين رهائش ۽ معياري کاڌو فراهم ڪرڻ جي ??اءِ احساس ۽ سرينه هوٽل پهرين به تعاون ڪري رهيا آهن، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد جي سمورين پناهگاهن جي عملي ۽ رهواسين جي ??همانوازي، خوراڪ جي تحفظ، ماحوليات ۽ هائوس ڪيپنگ جي باري ۾ تربيت ڏني پئي وڃي جڏهن ته سهولتن جي باقاعده نگراني ڪئي پئي وڃي، احساس هن وق?? تائين ملڪ جي ??ختلف علائقن ۾ 27 پناهگاهون کوليون آهن جنهن مان سنڌ ۾ 5، خيبرپختونخاو ۾ 8، بلوچستان ۾ 7، اسلام آباد ۾ 5 ۽ گلگت بلتستان ۽ پنجاب ۾ هڪ هڪ پناهگاهه شامل آهي، احساس پروگرام تحت پناهگاهون کاڌو، ضروري شين، صحت، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ حفاظتي معيارن سان رهائش ۽ ناشتي جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن، هر پناهگاهه ۾ تقريبن 500 ماڻهن کي مفت کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ رات جو 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته 4 نيون پناهگاهون ترلائي، ترنول، جي ??ائن ۽ منڊي موڙ جي علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون.