ا??لا?? آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ا??لا??ي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس ۾ شرڪت تي ملائيشيا جا ٿورا مڃيندي ا??لا??ي تعاون تنظيم ۾ ان جي موثر ڪردار ۽ افغانست??ن ۾ انساني بنيادن تي امداد ۽ امن سازي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي سطح تي تعاون ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل مضبوط تاريخي لاڳاپا آهن، پاڪستان معاشي تعاون ۾ اضافي، سياحت، دفاع ۽ عوامي سطح تي رابطن جي ڏس ۾ تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ذريعي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير داتوسري سيف الدين عبدالله افغانستان بابت ا??لا??ي تعاون تنظيم جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ کي افغانستان جي عوام کي انساني بحران کان بچائڻ جي لاءِ وقت سر قدم قرار ڏيندي ساراهيو. هن افغانست??ن ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستان اچڻ تي پ??هن??ي شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام جا ٿورا مڃيا.