اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي شعبي تفسير جي ڊا??ٽر شاهه جنيد هاشمي سيالڪوٽ سانحي جي تناظر ۾ اسلامي تعليمات جي روشني ۾ مثبت روين جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق فوري رد عمل سان معاشرو انت??ار جو شڪار ٿي ويندو آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ غير اسلامي فعل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي??ان صدر جي جامع مسجد ۾ جمعي جو خطبو ڏيندي ڪيو. اي??ان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو. صدر ڊا??ٽر عارف علوي ۽ اي??ان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊا??ٽر شاهه جنيد هاشمي پنهنجي خطبي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به معاملي ۾ بنا تحقيق جي رد عمل سان معاشرو انت??ار جو شڪار ٿي ويندو آهي. ان لاءِ هر خبر تي بغير تحقيق فوري رد عمل نه ڏيڻ گهرجي. اسلامي رياست ۾ غير مسلمانن کي به مڪمل تحفظ حاصل هو??دو آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ کڻڻ غير اسلامي فعل آهي. ڊا??ٽر شاهه جنيد هاشمي ان سلسلي ۾ اسلامي تاريخ ۽ حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ جو حوالو ڏنو، هن چيو ته الله تعاليٰ غير مصدقه اطلاع کي اڳتي وڌائڻ ۽ پوءِ ان تي بنا تحقيق فوري رد عمل جي مذمت فرمائي آهي، اهڙي ڪيفيت ۾ انت??ار پکڙجندو آهي، امن ۽ امان جو مسئلو پيدا ٿيندو آهي ۽ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو انديشو هو??دو آهي جڏهن ته قوم جي حيثيت سان شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪنهن به خبر يا اطلاع جي تصديق ڪرڻ اسان جي شرعي ذميداري آهي، ان جي ابتڙ ڪو عمل اسلامي رويو نه آهي، هن چيو ته حضور اڪرم ﷺ جي زندگي مبارڪ اها هئي ته پاڻ سڳورا رياست ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي اعتماد ڏنو، مديني جي رياست جي پهرين دستور ۾ اهڙو وفاقي سياسي يونٽ جوڙيو ويو جنهن ۾ شامل سمورين ڌري?? ۽ ??اڻهن رياست جي دفاع ۽ ڏوهاري پيشيورر عنصرن جي خاتمي ۾ حضور اڪرم ﷺ جو ساٿ ڏنو ۽ سڀ ميثاق ملي جا پابند رهيا. نبي ڪريم ﷺ غير مسلم مهمان?? ۽ ??انوني طور تي رياست ۾ داخل ٿيندڙن جي جا?? ۽ ??ال، عزت ۽ آبرو ۽ انهن جي ديني ماڳن جي حفاظت جو ذمو کنيو، هن چيو ته فتنه ۽ انت??ار کي رياست جي خلاف ڏوهن سان تعبير ڪيو ويو آهي، هن چيو ته قانون کي هٿ ۾ وٺڻ جي اجازت نه آهي، ڪنهن تي الزام لڳائي پاڻ کي فيصلو ڪري ۽ پوءِ ان کي لاڳو ڪرڻ جي منع ڪئي وئي آهي، توهين مذهب ۽ تڪفير جي الزامن جهڙن ناهموار رويا اهل فڪر ۽ دانش لاءِ فڪر جو لمحو آهن، سمورن باشعور طبقن ۽ خاص طور تي منبر ۽ محراب تي ان حوالي سان وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اڳتي اچن ۽ اعتدال تي ٻڌل روين کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، ان موقعي تي ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر ڊا??ٽر عارف علوي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ اي??ان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.