اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين دينه ۾ لاهور جي نجي اسڪول جي ٽرپ ڪوسٽر کي پيش ايندڙ حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ??يو ته معصوم ٻارن سان پيش ايندڙ واقعو افسو??نا?? آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ٽيچر ۽ شاگردن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عط?? فرمائي. هن حادثي ۾ زخمين جي جلد صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.