اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر صحافي، تجزيه نگار ۽ روزاني پاڪستان جي گروپ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر قدرت الله ??وڌري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته قدرت الله ??وڌري جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم قدرت الله ??وڌري جي لاڏاڻي سا?? ملڪي صحافت جو هڪ روشن باب بند ٿي ويو آهي، صحافت جي شعبي ۽ صحافي برادري جي حقن جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ قدرت الله ??وڌري کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.