اسلام آباد – 18 8211; آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??ان ايران جي سندس هم منصب حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي افغانستان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير ??نهنجي پاڪستاني هم منصب مخدوم شاهه محمود قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دع??ت ڏني. پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي ??ان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه ??ان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته افغانستان جي حوالي ??ان ا??ان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.