اسلام آباد – 29 211; سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معام??ن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته آذربائيجان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي، پاڪستان آذربائيجان س??ن پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، اسد قيصر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري ۽ گڏيل احترام جي مضبوط بنيادن ت?? هموار آهن، پاڪستان آذربائيجان س??ن پارلياماني ۽ معاشي رابطن کي فروغ ڏئي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن چيو ته عوامي ۽ واپاري سطح تي رابطن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. آذربائيجان جي سفير چيو ته آذربائيج??ن پاڪستان س??ن پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آذربائيج??ن پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.