اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علاج سان گڏوگڏ بيمارين کي روڪڻ ۽ انهن کان ??چاءُ لاءِ احتياط ۽ پرهيز به لازمي آهي، ان حوالي سان ??ب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ماڻهن کي بيمارين کان ??چڻ جي حوالي سان وڌ کان وڌ آگاهي ڏيڻ سان ??حت ۾ بهتري جا مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن هيلٿ سروس اڪيڊمي ۾ 11 هين سالياني پبلڪ هيلٿ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نيشنل هيلٿ سروسز بابت پارلياماني سيڪريٽري نوشين حامد، يونيورسٽي آف هيلٿ سائنس لاهور جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر جاويد اڪرم ۽ هيلٿ سروس اڪيڊمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي به خطاب ڪيو. صدر صحت جي شعبي جي بهتري جي لاءِ علاج سان گڏوگڏ بيماري کان ??چاءُ ماڻهن ۾ احتياط ۽ پرهيز جهڙن روين کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت ت?? زور ڏنو ۽ چيو ته اسان ??و نظام بيمارين جي علاج لاءِ ڊاڪٽر تي??ر ڪندو آهي جڏهن ته علاج کانسواءِ بيماري کان ??چاءُ لاءِ اڳواٽ احتياط جي به وڏي اهميت آهي. ان حوالي سان ??ب جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن کي ترجيحون بدلائڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته صفائي سٿرائي ۽ صحت جي اصولن کي اخيتار ڪري بيمارين کان وڏي حد تائين محفوظ رهي سگهجي ٿو. اسان ??و مذهب اسلام پاڪيزگي ۽ طهارت اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪندو آهي جيڪو صحت مند زندگي گذارڻ لاءِ ضروري آهي، صدر چيو ته طب جي شعبي وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ وڏين وڏين بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي پر گڏوگڏ نيون بيماريون به جنم وٺي رهيون آهن جنهن کان ??چڻ لاءِ ماڻهن ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان ??ي معاشري ۾ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي، نون ڄاول ٻارن کي لازمي ماءُ جو کير پيارڻ ۽ عورتن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جهڙي صحت جي موضوعن تي عام ڳالهه ٻولهه ناهي ٿيندي جنهن جي ڪري ان حوالي سان ??گاهي جي کوٽ آهي ۽ ان سان ??حت جا سنگين مسئلا پي??ا ٿي رهيا آهن ان طرف به مناسب ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر هيلٿ سروس اڪيڊمي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته ان جا معاشري تي اثر نظر اچڻ گهرجن، ان کان ??ڳ هيلٿ سروس اڪيدمي جي وائيس چانسلر شهزاد علي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي صدر پاران هيلٿ سروس اڪيڊمي جي اعليٰ ترين سطح تي سرپرستي فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. هن هيلٿ سروس اڪيڊمي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو.