اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ايم ڊي اي تي سڀني ا??ٽي?? هولڊرن ??ان مشاورت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف سب ڪميٽي جوڙي، عين وقت تي سب ڪميٽي جي اجلاس کي ملتوي ڪري مريم اورنگزيب سميت مخالف ڌر پارليامينٽ جي فورم کي پاڻ بي توقير ڪري رهي آهي. سومر ڏ??نه?? مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اها سب ڪميٽي مسلم ليگ ن جي مريم اورنگزيب جي سر??راهي ۾ جوڙي وئي، سب ڪميٽي جو اڄ سومر تي پهريون اجلاس پاڻ گهرائي عين وقت تي ملتوي ڪيو ويو، پارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ جو سبق ڏيندڙن جو منافقاڻو رويو کلي سامهون اچي ويو آهي. هن چيو ته انهن لاءِ ميڊيا جي ڊولپمينٽ، فيڪ نيوز جي خاتمي ۽ روڪنگ جرنلسٽ ۽ ميڊيا ورڪرز جي ??وڪ??ين جي تحفظ، وقت سر پگهارن ??ي ادائيگي لاءِ موثر قانونسازي ۾ ڪا دلچسپي نه آهي.