اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ اوورسيز پاڪستانين کي گهر، زمين جي خريداري ۾ تمام گهڻيون مشڪلاتون درپيش هيون، روشن پنهنجو گهر ??سڪ??م تحت اهي مشڪلاتون آساني ۾ بدلجي وينديون، وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي لاءِ روشن پنهنجو گهر ??سڪ??م شروع ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني ڊيجيٽل پراسيس ذريعي پاڪستان ۾ هائوسنگ ۾ سيڙپڪاري ۽ آسان فنانسنگ حاصل ڪري سگهندا، اسٽيٽ بئنڪ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي سميت سمورين ڌرين سان مشاورت کانپو??ِ اها ??سڪ??م تيار ڪئي آهي. هن چيو ته روشن پنهنجو گهر ??سڪ??م ۾ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ رکندڙ اوورسيز پاڪستاني سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا، روشن پنهنجو گهر ??سڪ??م ۾ گهر خريد ڪندڙ ڪنهن به وقت پنهنجو گهر وڪرو به ڪري سگهندا، روشن پنهنجو گهر ??سڪ??م جي لا??ِ اڳ کان منظور ٿيل منصوبن جي فهرست جوڙي وئي آهي ۽ وقت سان گڏوگڏ منصوبن ۾ اضافو ٿيندو رهندو.