اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي حصو آهي، ??ون?? سڌارن جي عمل ۾ مخالف ڌر کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي لاءِ سڄي ٽيڪنالاجي مڪمل آهي، انشاءُ الله 2023ع جون عام ??ون??ون ان نئين ميڪنزم تحت ٿينديون جيڪو پي ٽي آءِ جي حڪومت اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو، ر??لو?? حادثو انتهائي افسوسناڪ آهي، سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا، ماضي ۾ ر??لو?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري نه ٿيڻ جي ڪري ٽريڪ خراب حالت ۾ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، وزيراعظم جو پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار داڪٽر بابر اعواڻ، احتساب وارو صلاحڪار شهزاد اڪبر به موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ريل حادثي جي تفصيلن کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته 7 جون جي صبح ڏهرڪي ۽ ريتي جي مقام تي ملت ايڪسپريس ج??ن بوگيون پٽڙي تان لهڻ کانپوءِ ملت ايڪسپريس ۽ سر سيد ايڪسپريس ج?? وچ ۾ ٽڪر ٿيو، هن ٻڌايو ته 3 لڳي 43 منٽن تي سکر ڪنٽرول روم کي اطلاع مليو ته ملت ايڪسپريس ڄاڻايل هنڌ تي ڊي ??يل ٿي وئي آهي، ان کانپوءِ سر سيد ايڪسپريس به انهي وقت 3 لڳي 38 منٽن تي متاثر بوگين سان ٽڪرائجي وئي، هن چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ ملت ايڪسپريس ج?? 6 بوگيون ڊي ??يل ٿيون ۽ 5 بوگيون ڪلٽي ٿيون، سر سيد ايڪسپريس ج??ن 2 بوگيون ڊي ??يل ٿيون ۽ 3 بوگيون ڪلٽي ٿيون، هن چيو ته ڊي ??يس، ڊپٽي ڊي ??يس، ڊي ??ي او، ڊي ??يم اي ۽ اي ٽي او حادثي واري جاءِ تي پهچي ويا هئا، ر??لو?? واري وفاقي وزير خصوصي جهاز جي ذريعي صبح نائين وڳي حادثي واري جاءِ تي پهتو، 31 ماڻهو حادثي ۾ فوت ٿيا ۽ سئو کان وڌيڪ زخمي آهن، هن چيو ته سڄي قوم متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.