اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي سان پ??ڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پ??ڏي??ي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخالف ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر جو چونڊ سڌارن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي تضاد جي نشاندهي ڪري ٿو. مخالف ڌر حڪ??مت سان چونڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنفيوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. حڪ??مت بار بار مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچو ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته ??ي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي اندر ڳالهه ٻولهه جو بيان ڏي ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي سياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.