ترجمو: عدنان کوکر
اسلامي تعليم معاشري ۾ ڀائيچاري، محبت ۽ ايثار ۽ قرباني جي لازوال جذبي جي فروغ لاءِ غريب، بيوس ۽ لاچار ماڻه?? جي مدد ذريعي سموري انسانيت کي هڪ ٻئي جي وقار ۽ احترام جو درس ڏي ٿي. ڪنهن به معاشري جي معاشي ۽ سماجي ترقي جو دارومدار سمورن طبق?? جي لاءِ هڪ جهڙو مع??ار زندگي فراهم ڪرڻ تي آهي، خاص طور تي انهن ماڻهن کي جن کي اقتصادي ترقي جا موقعا گهٽ ملن ٿا، گهٽ آمدني رکن ٿا ۽ اهي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا هوندا آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت مديني جي رياست جي تصور کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ ملڪ ۾ رهندڙ بي سهارا طبقي جي احترام ۽ وقار کي يقيني بڻائڻ ۽ غربت جي ڪري مجبور، فٽ پاٿ ۽ رستن تي کليل آسمان هيٺ راتيون گذاريندڙ ماڻه?? جي لاءِ 10 نومبر 2018ع تي شيلٽر هوم (پناهگاهه) پراجيڪٽ جو بنياد رکيو هو.
وزيراعظم عمران خان ان منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو هو ته هي منصوبو سندس حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته بي سهارا طبقي کي پناهگاهه فراهم ڪرڻ هڪ خواب هو ۽ پناهگاهون قائم ڪرڻ مديني جي رياست طرف هڪ عملي قدم آهي. هن ان کي مسافر، پورهيت، بي گهر ماڻهن کي باعزت رهائشي سهولتون ڏيڻ سان گڏ معاشرتي ترقي جو منصوبو پڻ قرار ڏنو. پاڪستان ۾ 2017ع جي آدمشماري موجب ملڪ جي آبادي لڳ ڀڳ 220 ملين آهي ۽ ان مان 20 ملي?? جي آبادي بي گهر يا رهائش جي ناڪافي سهولت رکندڙ ماڻهن تي ٻڌل آهي.
ان ڏس ۾ شيلٽر هومز منصوبو سماجي ڀلائي ۽ معاشرتي ترقي جو منصوبو ۽ وزيراعظم عمران خا?? جي مديني جي رياست ۽ فلاحي رياست قائم ڪرڻ جي خواب جي عملي تعبير آهي جنهن جو مقصد پورهيت ۽ بي گهر ماڻهن کي باعزت رهائش جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن وقت لاهور شهر ۾ 6 شيلٽر هومز جن ۾ ڀاٽي گيٽ، فروٽ مارڪيٽ، ريلوي اسٽيشن، بس ا??و ۽ ٺوڪر نياز بيگ ۽ گلبرگ شامل آهن، جيڪي خدمت ۾ مصروف عمل آهن جتي رهائش پذير ماڻهن کي رهائش، حفظان صحت جي اصولن کي نظر ۾ رکي ٺاهيل کاڌي ۽ حفاظتي سهولتن سان گڏ هڪ بيڊ ۽ ناشتي جي سهولت ڏني پئي وڃي، هتي سيڪيورٽي جي لاءِ 24/7 ڪئميرائون نگراني ڪن ٿيون، پناهگاهه ۾ صاف سٿرو ماحول، صاف بستر، سردين ۾ گرم ??اڻ?? جي سهولت، اٽيچ باٿ رومز، ڪپڙا ڌوئڻ جي سهولت جڏهن ته هر پناهگاهه ۾ هڪ مسجد موجود آهي، انهن شيلٽر هومز ۾ رهائش رکندڙ ماڻهن کي ميڊيڪل ٽيمون پڻ مفت علاج جي سهولت مهيا ڪري رهيون آهن.
سوشل ويلفيئر ۽ بيت المال پنجاب جي صوبائي وزير ياور بخاري ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته معاشري جي ضرورتمند طبق?? جي مدد ڪرڻ موجوده حڪومت جي ترجيحي ايجنڊا آهي، وزيراعظم عمران خان ملڪ جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اهي پناهگاهون قائم ڪرن جو مقصد مسافر، بي گهر ۽ پورهيت طبقي کي باعزت رهائش جي سهولت ڏيڻ آهي. هن چيو ته گذريل ٻن سخت سرديءَ جي موسمن ۽ سخت موسمي صورتحال دوران پنجاب حڪومت صوبي جي سمورن 36 ضلعن ۾ 92 عارضي پناهگاهون قائم ڪيون آهن، حڪومت ان سهولت جو دائرو ٻين وڏن شهرن تائين وڌائڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي سطح تي به پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت جي ان شاندار منصوبي کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي، ڇو ته ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان غريب ۽ بي گهر ماڻهن کي باقاعده طور تي انهن پناهگاهن ۾ رهڻ جي سهولت ملندي. هن چيو ته هي منصوبو حڪومت جي ويزن 2025ع جي سماجي ڀلائي جي قدمن جو هڪ عملي قدم آهي، جنهن سان ملڪ ۾ معاشرتي انصاف ۽ برابري کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
ڀاٽي گيٽ پناهگاهه جي سوشل ويلفيئر آفيسر عبدالرحمان چيو ته اس??ن وٽ 142 مردن ۽ عورت?? جي لاءِ 16 رهائشي بيڊز جي گنجائش آهي. 7 هال مرد?? جي لاءِ جڏهن ته 2 هال عورت?? جي لاءِ مخصوص آهن. هن چيو ته پناهگاهن ۾ رهڻ لاءِ هڪ مناسب طريقيڪار اختيار ڪيو وڃي ٿو جنهن تحت ڪورونا ايس او پيز کي سامهون رکندي سڀ کان اڳ انه?? جي صحت چيڪ ڪئي وڃي ٿي، انهن کي پناهگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ماسڪ فراهم ڪيو وڃي ٿو ۽ اصل ڪمپيوٽرائيزڊ قومي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ۽ ا?? جي مڪمل ڊيٽا ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪرڻ کانپوءِ پناهه وٺندڙ شخص کي بستر نمبر وارو ڪارڊ مخصوص ڪيو وڃي ٿو، ان کي بستر ڏيڻ کان اڳ سي اين آءِ سي چيڪ ڪرڻ ۽ آڱوٺي جي نشان ۽ تصوير وٺڻ جي لاءِ ڊيوٽي آفيسر وٽ وٺي وڃبو آهي ته جيئن اهو ان جا تفصيل ڊيٽا بيس ۾ داخل ڪري. هن چيو ته بيمار ۽ وڏي عمر جي ماڻهن کي پناهگاهه جي فراهمي جي معاملي ۾ ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ انه?? جي سهولت لاءِ واش رومز جي ويجهو بستر ڏنا وڃن ٿا. واضح رهي ته شيلٽر هوم پراجيڪٽ هڪ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت بورڊ آف ڊائريڪٽرز هلائي رهيا آهن. هن چيو ته هي شيلٽر هوم مستقل رهڻ وارا گهر نه آهن پر هتي مسافر ۽ محتاج ماڻهو وڌ کان وڌ ٽن راتين تائين قيام ڪري سگهي ٿو. ان دوران هر 24 ڪلاڪن کانپوءِ 2 کاڌا به کائي سگهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاران سمورن شهري?? جي لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ جي پڻ شروعات ڪئي وئي آهي ان منصوبي سان شهرين کي مستقل طور تي پنهنجو گهر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
لاهور جي هڪ پناهگاهه ۾ رهندڙ حمزه ٻڌايو ته هو هتي مزدوري جي لاءِ آيو آهي ۽ رات گذارڻ جي لاءِ داتار درٻار ويجهو قائم پناهگاهه ۾ رهائش پذير آهي، هن انهن رهائشگاهن ۾ بيڊ، وهاڻي، گرم ڪمپل ۽ ان کانسواءِ مع??اري کاڌي ۽ ٻيون فراهم ڪيون ويندڙ سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان بيت المال انهن پناهگاهن ۾ صفائي سٿرائي جو تمام سٺو انتظام ڪيو آهي ۽ هتان جو عملو به پناهه وٺندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏيڻ ۾ مڪمل تعاون ڪري ٿو. هن چيو ته اڳ ۾ غريب ماڻهو سخت موسم ۾ فوٽ پاٿن تي سمهندا هئا پر هاڻي اهي آرامده بسترن تي مزي سان رات گذارين ٿا جيڪا غريب?? جي لاءِ هڪ تمام وڏي سهولت آهي. هن چيو ته بطور پاڪستاني اها اس???? جي به ذميواري آهي ته اس??ن انهن پناهگاهن کي پنهنجو گهر سمجهندي هتا?? جي قاعدن ۽ ضابط?? جي پابندي ڪريون ۽ صفائي سٿرائي، ڪورونا ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد ڪريون.
ڪوئيٽا سان تعلق رکندڙ هڪ شهري شير علي ٻڌايو ته هو ڪوئيٽا کان مزدوري ڪرڻ جي لاءِ هتي لاهور ۾ آيو آهي ۽ وٽس رهڻ جي لاءِ ڪا سهولت نه هئي پر موجوده حڪومت پاران پناهگاه?? جي صورت ۾ غريب عوام جي لاءِ هڪ بهترين رهائشي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته بي گهر، پورهيت ۽ غريب ماڻه?? جي لاءِ هي تمام سٺو قدم آهي. هن چيو ته هي رڳو پي ٽي آءِ جو ئي ڪارنامو آهي جنهن ان منصوبي کي عملي جامعو پارايو آهي جنهن جو مثال ماضي ۾ نه ٿو ملي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پاران معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقي کي پناهگاهه جهڙي بنيادي سهولت يقينن هڪ بهتر ۽ وقت سر قدم آهي جيڪو خاص طور تي ڪمزور طبق?? جي ڀلائي ۽ انسانيت جي فلاح ذريعي اسلامي فلاحي رياست جي خواب کي تعبير ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو.