اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڪرپٽ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، تبديل?? جدوجهد سان اچي ٿي سوئچ دٻائڻ سان نه، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ملڪي نه ذاتي مفادن جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته فوج تي ايترو دٻاءُ وجهون جو اها چونڊيل حڪومت ڪيرائي ڇڏي، ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، عوام چورن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، موجوده حڪومت معيش?? جي استحڪام لاءِ اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، ملڪي روانگي واپار ۽ تعميراتي شعبو ترقي ڪري رهيا آهن، اقتصادي اشارا مثبت آهن، ٽيڪس نظام ۾ شفافي?? جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي آڻينداسين، احساس پروگرام ۽ هيلٿ ڪارڊ حڪومت جا انقلابي قدم آهن، بيوروڪريسي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ماضي جي وفاقي حڪومتن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي سان آلودگي تي ضابط?? آڻڻ ۾ مدد ملندي، 2021ع جي آخر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي هر غريب خاندان وٽ هيلٿ ڪارڊ هوندو، فرقيواراڻي شدت پسن??ي ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڀار?? جيستائين 5 آگسٽ 2019ع جا قدم واپس نه ٿو وٺي ان سان ??الهيون نه ٿيون ٿي سگهن. سوشل ميڊيا سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ??الهائيندي وزيراعظم عمران خان ??يو ته جن معاشرن ۾ اخلاقيات تي ڌيان ??نو وڃي ٿو اهي ئي اڳتي وڌن ٿا، الله تعاليٰ اسان ??ي چڱائي برائي بابت واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن اخلاقي طور تي قوم زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها هر لحاظ سان زوال پذير ٿئي ٿي، ميڊيا جو ڪم ملڪ ۾ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، ميڊيا واچ ڊاگ جو ڪم ڪري ٿي.