اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ قومي قدمن تي اجلاس اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿيندو. اجلاس ۾ عورتن جي معاشي، سماجي ۽ قانوني خودمختياري جي فروغ لاءِ تجويزن ??و جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ عورتن جي وراثتي حقن، خودمختياري، ??عل??م ۽ صحت جي سهولتن تائين پهچ، ميڊيا ۾ عورتن جي ڪردار، ماحوليات ۽ ان جي عورتن تي پوندڙ اثرن تي بحث ٿيندو.