اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر ليسلي اسڪينلون ۽ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۽ انهن جي لاڳاپيل ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزارت موجب ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. هن ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڪئناڊا سان سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڪينيڊين ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير سان يورپي يونين جي سفير پڻ ملاقات ڪئي. هن پاڪستان ۽ يورپي يونين جي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪيترن ئي اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپار، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي ڪارروائي سميت گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.