اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) ??در آصف علي زرداري نئون سال ??رو?? ٿيڻ تي پاڪستاني قوم ۽ عالمي برادري کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نئون سال ترقي ۽ خوشحالي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ استحڪام جو سال هوندو. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در آصف علي زرداري نئين سال تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجز مان نڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي، نظم ۽ ضبط، مس??سل محنت ۽ لگن سان ڪم ڪرڻو پوندو. ??در نئين سال جي ??رو??ات تي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي دعا ڪندي چيو ته نئون سال پاڪستاني قوم جي لاءِ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کڻي اچي. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي موقعا فراهم ڪري انهن جي صلاحيتن کي نکارڻ تي سيڙپ??ار?? ڪرڻي پوندي، پاڪستان کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ غريب طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، بحيثيت قوم گذريل سال جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو جائزو وٺڻ ۽ ماضي مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در زور ڏنو ته اچو نئين سال جي ??رو??ات تي عوامي خدمت، امن ۽ استحڪام جي لا??ِ محنت سان ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون، الله تعاليٰ آڏو دعا آهي ته نئون سال ملڪ جي لاءِ ڪاميابين جو سال هجي.