اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ??طر??ي مشنز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقا??ي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ??طر??ي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي ع??م جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو سا??يا??و اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وڃي ٿي.