اسلام آباد- 11 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغ??ري چيو آهي ته پاڪستان، ??اج??ستان ??ان پنهنجي موجوده دوستاڻن لاڳاپن کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، اسان گڏيل واپار ۾ ايندڙ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، پاڪستان، ??اج??ستان گڏيل ڪميشن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ اهميت وارو آهي. اربع ڏينهن پاڪستان ۽ ??اج??ستان وچ ۾ ستين گڏيل ڪميشن اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ صنعت، واپار، زراعت، توانائي ۽ گڏيل منصوبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ڇهين گڏيل ڪميشن جي فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا. پاڪستان ۽ ??اج??ستان وچ ۾ ستين گڏيل ڪميشن اجلاس جي ميزباني اقتصادي معاملن واري وزارت ڪئي. پاڪستان ??رفان ??وانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغ??ري جڏهن ته ??اج??ستان ??رفان ??وانائي ۽ آبي وسيلن واري وزير ديلر شوفا ڪر اجلاس جي صدارت ڪئي. وفاقي وزير اويس لغ??ري چيو ته پاڪستان ۽ ??اج??ستان وچ ۾ گهرا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ??رڪيه کانپوءِ ٻيو ملڪ هو جنهن سيپٽمبر 1991ع ۾ ??اج??ستان ??ي آزادي کي تسليم ڪيو. هن چيو ته اسان ??ي علائقائي ويجهڙائي سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن ۾ مذهب، تاريخ ۽ ثقافت گڏيل آهي، ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ واپاري ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو نيون راهون ڳولي سگهجن ٿيون. اويس احمد لغ??ري چيو ته ??اج??ستان کي وچ ايشيا ۾ اهم مقام حاصل آهي ۽ هي وچ ايشيا جو گيٽ وي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. وفاقي وزير چيو ته واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ لاءِ پلان ??ف ايڪشن تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ??لسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ واپار تي گڏيل ورڪنگ گروپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڌرين ??اج??ستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ تحت ٽرانزٽ ٽريڊ تي هڪ گڏيل رابطا ڪميٽي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ڪميٽي آپريشنل چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ جي شقن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان وچ ۽اولهه ايشيا جي سنگم تي واقع آهي، گوادر ۽ ڪراچي تائين سمورين واپاري راهدارين مان فائدو کڻڻ لاءِ ??اج??ستان ??ي آجيان ڪريان ٿو. وفاقي وزير چيو ته واخان ڪوريڊور ذريعي اسان ??ي 14 ڪلوميٽر جي قربت سڌو سنئون رابطا قائم ڪرڻ جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿي ۽ پاڪستان ??ن سلسلي ۾ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اويس لغ??ري چيو ته ڪاسا 1000 بجلي جي پيداوار جو اهم منصوبو آهي، منصوبي سان ملڪ ۾ بجلي جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪاسا 1000 منصوبي جي جلد تڪميل چاهيون ٿا، منصوبي تحت توانائي جي شعبي ۾ گڏيل فائدن کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اويس لغ??ري چيو ته سياحت ۽ ثقافت ملڪن وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، گڏيل سياحت جي موقعن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سياحت تي گڏيل ورڪنگ گروپ جو افتتاحي اجلاس طلب ڪري سگهون ٿا. اويس لغ??ري چيو ته پاڪستان ۽ ??اج??ستان وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي هڪ نئون رخ ملندو.