اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف ڪارروائي دوران ڪو بيگناهه ۽ معصوم شهري گرفتار نه ٿئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ امن امان جي صورتحال تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته هو انتشار ڦهلائي تيزي سان مستحڪم ٿيندڙ معيشت کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، اسلام آباد ۾ گذريل ڏينهن ۾ وڳوڙن، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن. هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انتشار ڦهلائيندڙن جي خلاف ڪارروائي دوران ڪو بيگناهه ۽ معصوم شهري گرفتار نه ٿئي. وزيراعظم انتشار ۽ فساد ڦهلائيندڙن جي نشاندهي جو عمل موثر بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ٺوس ثبوت حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن فساد ڦهلائيندڙن جي خلاف قائم ڪيل ٽاسڪ فورس کي هر ممڪن وسيلا فراهم ڪرڻ، وف??قي پراسيڪيوشن سروس کي قانون واري وزارت تحت آڻڻ ۽ اسلام آباد جيل جي تعمير جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ ان حوالي سان فنڊز فوري جاري ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي اسلام آباد ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته اسلام آباد سيف سٽي جو دائرو وڌايو پيو وڃي ۽ سيف سٽي ڪئميرائن جي انگ ۾ پڻ اضافو ڪيو پيو وڃي، اسلام آباد جيل جي عمارت ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ڪئي ويندي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چيما، وف??قي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، قانون ۽ انصاف واري وف??قي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير ع??اء?? الله تارڙ، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.