اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءُ ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو مل??قات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياسي صورتحال تي گڏيل افهام ۽ ??فه??م تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل عق??دي، ثقافت، قدرن، تهذيب ۽ تاريخي رابطن، گڏيل اعتماد ۽ حمايت تي ٻَڌل مثالي ڀائراڻه ناتا آهن. هن ڪيترن ئي فورمن تي پاڪستان لاءِ ترڪيه جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته وڌندڙ دفاعي تعاون اسان جي ٻه طرفن ناتن جو هڪ اهم پهلو آهي جنهن جي خاصيت گڏيل منصوبي، گڏيل مشق ۽ فوجي تربيت آهي. ٻنهي ??رين ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ناتن ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جو عزم ڪيو.