اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اڳوڻن پرڏيهي سيڪريٽرين سان هڪ مشاورتي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيه?? آفيس موجب اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ پرڏيهي پاليسي جي معاملن تي انهن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اجلاس ۾ اڳوڻا پرڏيهي سيڪريٽري انعام الحق، سلمان بشير، جليل عباس جيلاني، مسعود خان، اعزاز چوڌري، تهمينه جنجوعه، سهيل محمود ۽ سائرس قاضي شامل هئا.