اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم ۽ مهارتن جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري ??يان موجب ان موقعي تي گورنر چيو ته تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تر??يتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي ج?? تعليمي ادارن ۽ انگلينڊ ج?? تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ سندن تر??يحن ۾ شامل آهي. انهن حصيدارن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ذريعي عالمي مهارتن کي ڪي پي ڪي ج?? تعليمي ادارن تائين آڻڻ آهي. ڳالهين دوران گورنر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سان پنهنجي ويزن تي به ڳالهه ڪئي، ان جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي ج?? تعليمي ادارن جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ان منصوبي لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي وئي آهي. جيمز هيمپسن آءِ ايم سا??نسز يونيورسٽي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي برٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گورنر کي جنوري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. برٽش ڪائونسل جي ٽيم گورنر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تعليم يافته ڇوڪرين جي داخلا آهي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻ?? تعليم ۽ تر??يت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري ??عليٰ تعليمي منصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.