باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي ??ادي واري شهر باڪو ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ??لائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي ا??تت??حي تقريب جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون آهن. وزيراعطم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي ??ڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان – گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان تعاون سم??ت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي خاتون اول امينه اردوان سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ترڪيه پاڪستان جي ماحولياتي آلودگي ۽ موسمياتي تبديلي کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان تعاون سم??ت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم جي ان موقعي تي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ملاقاتون پڻ ٿيون. وزيراعظم جي برطانيا جي وزيراعظم سرڪيئر اسٽارمر سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان برطانيا تعاون جي فروغ جي حوالي سان خيالن جي ??ي وٺ ڪئي. وزيراعظم جي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ۾ وچ ايشيائي ملڪن ?? پاڪستان ۾ گليشيئرز ?? پاڻي وسيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه سان گڏوگڏ پاڪستان جي تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان مواصلاتي رابطن کي وسعت ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نيپال جي صدر رام چندر پائوڊيل ۽ بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي ??يف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌندڙ گرمي پد، بلند ٿيندڙ سامونڊي سطح جي خطرن ۽ ٻيلن جي تحفظ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کانسواءِ بنگلاديش ۽ نيپال سان پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي قازقستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف سان پڻ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان قازقستان لاڳاپن جي فروغ ۽ علائقائي رابطن ۾ وسعت جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف باڪو، آذربائيجان ۾ ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ 29) جي ??لائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي ا??تت??حي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتو جتي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ??لائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي ??روپ فوٽو ۾ پڻ شريڪ ٿيڻ سان گڏوگڏ اجلاس جي ا??تت??حي تقريب ۾ پڻ شريڪ ٿيو جنهن ۾ آذربائيجان جي صدر ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل خطاب ڪيو. وزيراعظم باڪو ۾ منعقد ڪوپ 29 جي ??لائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سان درپيش خطرن تي روشني وجهندو. وزيراعظم اهڙن اسرندڙ ملڪن خاص طور تي پاڪستان جيڪي هر سال موسمياتي تبديلي جي ??ري قدرتي آفتن جي ور چڙهي جاني ۽ مالي نقصان کڻن ٿا، جي لاءِ آواز بلند ڪندو. وزيراعظم ڪوپ 29 جي ??لائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس ۾ ٻوڏ جي تباهين کان متاثر ٿيندڙ لکين پاڪستانين جو ڪيس وڙهندو ۽ دنيا کي باور ڪرائيندو ته پاڪستان جنهن جو ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ حصو نه هجڻ جي برابر آهي، مشڪل معاشڊي حالتن سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي مضر اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيراعظم عالمي اڳواڻن خاص طور تي اسرندڙ ملن کي انهن جي موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ذميواري قبول ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي زور ڏيندو.