باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻن جي ڪلائميٽ ايڪشن سربرا??ي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه چيڪ جي وزيراعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻن??ي اڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي ا??تصادي ترقي ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻن??ي اڳواڻن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي ا??تصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ا??ميت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي صلاحيت تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻن??ي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ پائيدار ترقي جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل ڪوششن جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي تازي دور جي ا??م ترين مسئلن مان هڪ آهي جنهن جي لاءِ گڏيل عالمي قدمن جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قدمن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گرين انرجي ک?? فروغ ڏيڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه چيڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضروري آهي.