اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) شفقت علي خان پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته بوسنيا جي وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي سيڪريٽري جنرل ايڊن دلب??وو?? ڪئي. ڌرين اعليٰ اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم جي ماحول ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سموري دائري جو ٺوس جائزو ورتو. هنن سياسي، واپار??، اقتصادي، سماج??، انساني بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ??ڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايڊن دلب??وو?? پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان پڻ ملاقات پڻ ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري گڏيل لاڀائتي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.