اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پ?? پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ انڊيپنڊنٽ گروپ جي اميدوار ميان رئوف عطاءَ کي سپريم ڪورٽ بار جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وڪ??ل برادري هڪ بهترين شخصيت کي سپريم ڪورٽ ب??ر ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو آهي. هن چيو ته وڪ??ل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪ??لن جو روشن ڪردار آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته وڪ??ل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪرد??ر اد?? ڪن ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل صدر ۽ ٻيا عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو مثبت ڪرد??ر اد?? ڪندا رهندا. هن چيو ته فاتح پينل وڪ??ل برادري جي مسئلن جي حل ۽ اهم عدالتي معاملن ۾ موثر ڪرد??ر اد?? ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير انڊيپنڊنٽ گروپ جي سربراهه احسن ڀون کي پڻ رئوف عطاءَ جي ش??ندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.