اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (??ي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ??اڪ??تان معاشي بحالي ۽ ترقي جي سفر تي گامزن آهي، ملڪ کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائي رهيا آهيون، حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌارن ۽ عوامي خدمتن سميت ٻين معاملن کي بهتر ڪري رهي آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪ سعودي ??رب بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. فورم ۾ اعليٰ سطح جي سعودي وفد جي شاندار آجيان ڪئي وئي. جنهن جي قيادت سعودي ??رب جي سيڙپڪاري وارو وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح ڪري رهيو آهي. وفد ۾ سرڪاري ۽ نجي شعبن جا نمائندا شامل آهن. سعودي ??رب جو وفد ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۽ مختلف شعبن ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ ??اڪ??تان ۾ آهي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ??اڪ??تان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گهري دوستي جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل مذهبي رشتن، قدرن ۽ علائقائي استحڪام جي عزم تي ٻڌل آهن. هن چيو ته سعودي وفد جو اهو دورو هڪ اهم وقت تي ٿي رهيو آهي، جڏهن ??اڪ??تان معاشي بحالي ۽ ترقي جي سفر تي گامزن آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ اهم سڌارن جو مقصد نجي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ عوامي خدمتن کي وڌائڻ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان جو نئون اقتصادي پروگرام جنهن کي آءِ ايم ايف جي حمايت حاصل آهي، آسان محرڪ کان هٽي ماضي جي پاليسين سان تبديلي جي نمائندگي ڪري ٿو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اها پيداواري صلاحيت چٽاڀيٽي کي وڌائڻ ۽ نجي سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سڌارن تي ڌيان ڏي ٿو. هن چيو ته حڪومت سرڪاري ادارن ۾ سڌارن ۽ عوامي خدمتن سميت ٻين معاملن کي بهتر ڪري رهي آهي. جڏهن ته مائيڪرو اڪنامڪ پاليسين جنهن ۾ مٽاسٽا جي شرح ۽ ناڻي واڌ تي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته مشڪل فيصلن جي باوجود اهي تبديليون اڳ ۾ ئي مثبت نتيجا ڏئي رهيون آهن، جنهن ۾ ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي، ??اڪ??تان کي غيرملڪي سيڙپڪاري جي لاءِ وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ ۽ مستقبل جي لاءِ هڪ مضبوط وڌيڪ مستحڪم معيشت جي تعمير شامل آهي. نائب وزيراعظم کاڻين جي کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ قابل تجديد توانائي جهڙن شعبن ۾ ??اڪ??تان جي صلاحيتن جو ذڪر ڪندي ??عودي ??يڙپڪارن کي انهن منافعو ڏيندڙ موقعن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. سينيٽر محمد اسحاق ڊار يقين ظاهر ڪيو ته سعودي ??رب جي اعليٰ سطح جي وفد جو دورو ۽ انهن جون مصروفيتون ٺوس نتيجن جو سبب بڻجنديون جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ??صيداري وڌيڪ مضبوط ٿيندي. تقريب کي سعودي ??رب جي وفد ۾ شامل سيڙپڪاري واري وزير ۽ ??اڪ??تان ۾ سعودي ??رب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ خطاب ڪيو.