اسلام آباد-10 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي. چين جي وزيراعظم جو پاڪستان جو امڪاني دورو تمام گهڻو اهم آهي. دوري دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ نون معاهدن ۽ منصوبن تي صحيحين جو امڪ??ن آهي جيڪي سي پيڪ کي نئين بلندين تائين پهچائڻ لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. ميڊيا رپورٽن مو??ب گذريل ڏينهن وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چين جي وزيراعظم جي امڪاني دوري کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪئي. ان اجلاس ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت جاري منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ استحڪام تي زور ڀريو ويو. اجلاس ۾ سي پيڪ جي مختلف منصوبن جي رفتار جو تفصيلي جائزو وروتو ويو جنهن ۾ ت??انائي، انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي زونز جا ترقياتي ڪم شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته چين سان زراعت، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي ته جئين ٻئ?? ملڪ گڏجي خطي ۾ اقتصادي ترقي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئ?? مرحلي ۾ ت??انائي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن سان گڏوگڏ صنعتي ترقي تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. احسن اقبال چيو ته ان فيز ۾ خاص اقتصادي زوز کي هٿي وٺرائڻ هڪ اهم هدف آهي جيڪو پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ وڌيڪ موقعا فراهم ڪندو.