اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار چيويافو جي چيئرمين جي قيادت ۾ روئي ??رو?? جي 9 رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفي??رن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روئي ??رو?? جي وچ ۾ معاملا اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان اسلام آباد ۽ بيجنگ ۾ ورڪنگ ??رو??س قائم ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو. وزيراعظم جي تازي چين جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ چين جو روئي ??رو?? پاڪستان ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چ??ن پاڪستان جو اهڙو دوست ملڪ آهي جيڪو هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ معاشي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته روئي ??رو?? چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جو پهريون سيڙپڪار هو. وزيراعظم روئي ??رو?? جي پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان گهري دلچسپي کي ساراهيو. روئي ??رو?? جي چيئرمين چيويافو چيو ته اسان سيڙپڪار جي حيثيت سان نه پر پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان پاڪستان آيا آهيون. روئي ??رو?? جي چيئرمين وزيراعظم کي بطور پنجاب جي وڏي وزير جي دور ۾ تيز رفتار ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پنجاب ۽ شهباز اسپيڊ جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ اها ئي رفتار ڏسڻ لاءِ ملندي. ان موقعي تي هن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روئي ??رو?? سنڌ صوبي ۽ پنجاب صوبي ۾ عالمي معيار جا ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪندو جنهن ۾ چين جي 100 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ويندي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو محور پاڪستان جو ٽيڪسٽائيل روانگي واپار وڌائڻ ۽ پاڪستان کي دنيا جو ٽيڪسٽئايل ۽ گارمينٽس حب بڻائڻ آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس ۾ شمسي توانائي جو استعمال ٿيندو ۽ اهي زيرو ڪاربن ۽ خودڪار جديد ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪندا. انهن پارڪس سان پهرين مرحلي ۾ 2 ارب آمريڪي ڊالر جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ 5 ارب آمريڪي ڊالر جي برآمدات متوقع آهي. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس سان 3 لک کان 5 لک مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ٿيندا. انهن ٽيڪسٽائيل پارڪس جو سنگ بنياد هن سال جي آخر ۾ رکيو ويندو ۽ اهي ٽن سال جي مدي ۾ مڪمل ٿيندا. روئي ??رو?? ڪراچي ۽ لاهور ۾ هڪ هڪ هول سيل ڪموڊٽي مرڪز پڻ قائم ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسح??ق ڊار جي سربراهي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. ڪميٽي ۾ واپار وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري وارو وفاقي وزير، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جو نمائندو ۽ ظفرالدين محمود شامل هوندا. وزيراعظم سان وفد جي ملاقات کانپوءِ سيڙپڪاري بورڊ ۽ روئي شيڊونگ ??رو?? جي وچ ۾ پاڪستان ۾ جديد ٽيڪسٽائيل پارڪس قائم ڪرڻ جي حوالي سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم پڻ شرڪت ڪئي.