اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊ??ر چيو آهي، ته يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي غازين ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪيون ٿا، پنهنجي وطن جي دفاع لاءِ حياتين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن لنڊن ۾ يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان منعقد تقريب جي موقعي تي پاڪستاني برادري کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪ برطانيه لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ ۾ برطانيه ۾ ترسيل پاڪستانين جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني ملڪ جو سرمايو آهن، پاڪستانين برطانيه جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، وڏي تعداد ۾ پاڪستان ڄاوا برطانوي پارليامينٽ جو حصو آهن، پرڏيهه ترسيل سمورا پاڪستاني ملڪ جي ترقي لاءِ پنه??جو ڪردار ادا ڪن. اسحاق ڊ??ر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، انشاالله پاڪستان تمام جلد هڪ خوشحال ملڪ بڻ??و، دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين، دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڀرپور قدم جاري آهن. فتنه الخوارج اسڪولن کي نشانو بڻ??يو، ٻارن کي شهيد ڪيو، فتنه الخوارج جو خاتمو ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ملڪ جا معاشي اثر هاڪاري رخ ۾ گامزن آهن، ملڪ جي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ماضي ۾ هاڪاري رخ ۾ ويندي معيشت کي ناڪاري رخ ڏانهن موڙيو ويو. هن چيو ته محمد نواز شريف ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، نواز شريف جي حڪومت لوڊ شيڊنگ جون اونداهيون ختم ڪيون. نواز شريف جي پاليسين سبب ملڪي معيشت مضبوط ٿي، نواز شريف جي حڪومت ۾ پاڪستان دنيا جي 24 هين معيشت بڻ??ي چڪو هو، محمد شهباز شريف ڏکئي وقت ۾ ملڪ جي واڳ سنڀالي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊ??ر چيو ته هاڪاري سياست ڪيو، ناڪاري سياست ڪري ملڪي مفادن کي داءَ تي نه لڳايو، پي ٽي آءِ جي وزير پاران غير ذميواراڻي بيان پي آءِ اي کي نقصان پهچايو. هن چيو ته بلوچستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ دور ۾ فتنه الخوارج کي پاڪستان ۾ رهايو ويو، ملڪ مان دهشتگردي جو هر صورت ۾ خاتمو ڪيو ويندو.