ڪراچي-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ب??اول ڀٽو زرداري ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي ۾ قيمتي حي??تين جي نقصان تي افسوس جو اظھار ڪيو آ??ي. ميڊيا سيل بلاول ھائوس طرفان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو آ??ي ته حادثي ۾ قيمتي حي??تين جي نقصان تي دل ڏکويل آھي. ھن چيو ته ھو ان حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنب واسين جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آھي. ھن چيو ته پرڏيھي وزارت ۽ تھران ۾ پاڪستاني سفارتخاني جون لاڳاپيل اختياريون متاثر ڪٽنبن سان رابطي ۾ ھئا. اميد آھي ته پاڪستاني شھرين جا مڙھه وطن واپس آڻڻ لاءِ لاڳاپيل اختياريون ۽ ادارا پنھنجي ذميواري پوري ڪندا. بلاول ڀٽو زرداري ان اميد جو اظھار ڪيو ته ايران بس حادثي ۾ زخمي پاڪستانين لاءِ بھتر علاج کي به يقيني بڻايو ويندو. ان کان علاوه حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جي مغفرت لاءِ به دعا پڻ ڪئي.