ڪراچي- 04 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري يوم استحصال ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ واري ڏينهن ڀارت عالمي قانون پائمال ڪندي هڪ طرفو قدم کنيو، اهو قدم تڪراري علائقي تي غاصباڻي قبضي لاءِ کنيو ويو. والار??ل ڪشمير ۾ عوام جي حقن کان انڪار ڀارت جو غيرقانوني عمل آهي پر ڀارت ڪشميري عوام جي آزادي جي تڙپ کي گهٽائي نه ٿو سگهي، اها ڀارتي رياستي دهشتگردي آهي جيڪا حقيقت کي تبدي?? نه ٿي ڪري سگهي. غيررياستي ماڻهن کي آباد ڪري کين ڊوميسائيل ٺاهي ڏنا ويا، چونڊن وارين فهرستن ۾ غير رياستي ماڻهن جو شمار ڪري نوان نوان حربا استعمال ڪيا ويا. والار??ل ڪشمير جي تاريخ کي هندس??ان جبر وسيلي تبدي?? نه ٿو ڪري سگهي. پاڪس??ان جي سڄي قوم والار??ل ڪشمير جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. خوداراديت واري حق لاءِ ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد جي حمايت ڪندا رهنداسين. والار??ل ڪشمير جي ڀائرن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هندس??ان ڪشميري عوام کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو. عالمي برادري هندس??ان جي غيرقانوني قدم جو نوٽيس وٺي. گورنر عالمي برادري تي زور ڀريو ته جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي هڪ به پاڪستاني چين سان نه ويهندو. پاڪس??ان مظلوم ڪشميرين جي جدوجهد ۽ حق خوداراديت جي هرممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.