بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سي پيڪ جي اه?? ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مر??لي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زائو ليجي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيئرمين زائو ليجي کي چيني سياست ۽ معاشري جي لاءِ سندس خدمتن تي زبردست خراج تحسين پيش ڪي?? ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي سالياني اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي کيس مبارڪبا?? ڏني. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس (اين پي سي) ۾ هڪ اهم عهدي زائو ليجي تي چيني قيادت ۽ عوام پاران مٿس ڪي?? اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته چين سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ منفرد ۽ خصوصي لاڳاپا اسٽريٽجڪ اعتماد، گڏيل نظرين ۽ عملي تعاون تي ٻڌل آهن. پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اه?? ڪردار کي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مر??لي تحت پائيدار ترقي، خصوصي اقتصادي زونز، صنعتن، آءِ ٽي، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، زراعت ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي ترجيح ڏني ويندي. چيئرمين زائو ليجي چيو ته صدر شي جن پنگ جي رهنمائي تحت چين پاڪستان سان پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪ?? ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن جي حمايت جو ورجاءُ ڪي??. هن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۾ مثبت رفتار جو ذڪر ڪي?? ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪ?? ڪرڻ جي لاءِ ان رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن نيشنل پيپلز ڪانگريس ۽ پاڪستان جي پارليامينٽ جي وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ ت?? اتفاق ڪي??. وزيراعظم پارلياماني مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم تجويز ڪيا جن ۾ چين پاڪستان فرينڊشپ گروپس جي وچ ۾ رابطن کي وڌائڻ ۽ نوجوان پارليامينٽرينز جي وفدن جي مٽاسٽا شامل آهي. هن سي پيڪ تحت سياسي پارٽين جي گڏيل مشاورتي طريقيڪار جو اڳيون دور منقعد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. چيئرمين زائو ليجي وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي چونڊجڻ تي مبارڪبا?? ڏني. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪي?? ته ان سان ٻنهي ملڪن کي امن ۽ آشتي تي گڏجي ڪ?? ڪرڻ ۽ ان حوالي سان قانون ۽ گهڻ رخي کي فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو.