اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش مسئلا ترجيحي ب??يادن تي حل ڪرڻ جي هد??يت ڪندي چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ معاشي استحڪام جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا هل ڪيا، ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون ڏيڻ اولين ترجيح رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي اليڪٽرڪ جي مختلف معاملن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽ?? آفيسر شرڪت ڪئي. ڪراچي اليڪٽرڪ جي وفد نگران وزيراعظم ۽ سندس ٽيم جا ڪراچي اليڪٽرڪ جا پراڻا مسئلا حل ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم هد??يت ڪئي ته ڪراچي اليڪٽرڪ کي درپيش باقي مسئلن جو پڻ ترجيحي ب??يادن تي حل ڪڍيو وڃي. هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي گهٽ مدي ۾ ملڪ کي معاشي استحڪام طرف گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڏا پراڻا مسئلا حل ڪيا. هن چيو ته ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ عالمي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي سموريون سهولتون ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح رهي آهي، حڪومت ان بنيادي اصول تي عمل پيرا ٿي مثبت نتيجا حاصل ڪيا، نگران حڪومت آخري ڏينهن تائين ملڪي معيشت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. نگران وزيراعظم گذريل ڏينهن نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ (ڪي اِي) جي وچ ۾ انٽر ڪنيڪشن معاهدي تي صحيحن کي خوش آئنده قرار ڏنو. ڪراچي اليڪٽرڪ جي سي اي او حڪومت پاران ڪمپني کي درپيش مسئلن جي ترجيحي ب??يادن تي حل تي نگران وزيراعظم ۽ حڪومتي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته باقي رهيل مسئلن جو به جلد حل ڪڍي حڪومت ڪراچي جي رهواسين کي بجلي جي ب??ا رڪاوٽ فراهمي جي راهه ۾ اين??ڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ جا مسئلا ۽ انهن جي حل لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. نگران وزيراعظم هد??يت ڪئي ته نيپرا ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ ترجيحي ب??يادن تي گڏجي انهن مسئلن جو حل ڳولين ۽ ان سلسلي ۾ جلد کان جلد رپورٽ پيش ڪن.