گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ا??ا ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ا??س ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت اعليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن جي ??چ ۾ وڏي مالياتي ف??ق کي ڏسندي ا??هن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قو??ن جي نظام کي اسرندڙ ملڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي ا????ان?? جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت بئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ ملڪن کي ا??س ڊي جيز جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قو??ن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نجي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي زور ڏنو.