اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر آ??ريڪا ۽ يورپ ۾ رهندڙ پاڪستانين تي لاڳاپيل ادارن ۽ نجي شعبي سان ٽيڪنالاجي، مهارت ۽ فڪري سرمائي جي منتقلي جي لاءِ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ??ان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڊيسنٽ فزيشن سوسائٽي جي صدر ڊاڪٽر آصف سيد سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اتر آ??ريڪا ۽ يورپ ۾ اعليٰ تعليمي ۽ تحقيق ۽ ترقي جي ادارن جي وچ ۾ ڄاڻ جي منتقلي جي لاءِ پاڪستاني ادارن سان رابطو پيدا ڪرڻ جي ??وشش ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۾ ڪورونا ۽ تازي ٻوڏ دوران پاڪستاني ڊيسنٽ فزيشنز سوسائٽي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيو. صدر چيو ته حڪومت ??ان حصيداري سان پاڪستان ۾ صحت جي سارسنڀال جي نظام جي معيار ۾ ذڪر جوڳي تبديلي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته سوسائٽي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ فني ترقي آڻڻ ۾ فعال ڪردا ادا ڪري سگهي ٿي. ڊاڪٽر آصف سيد سوسائٽي جي ??ردار ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن بابت صدر کي بريفنگ ڏني.