اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نامزد چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ليفٽيننٽ جنرل س??حر شمشاد مرزا ۽ نامزد چيف آف آرمي اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم من??ر جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ليفٽيننٽ جنرل س??حر شمشاد مرزا ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم من??ر کي مبارڪباد ڏ??ي ۽ سندن نئين ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته توهان جي سربراهي ۾ هٿياربند فوج قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي بهتر انداز ۾ من??ن ڏيندي ۽ ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.